سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو

سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو

سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو

سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو (ڪتاب): هي ڪتاب، نوجوان اديب مختيار ملاح جي تصنيف آهي، جنهن ۾ قديم دور کان وٺي اڄ تائين سنڌي ادب جو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پي. سي. ايس، سي. ايس. ايس ۽ ايم. اي سنڌيءَ جي شاگردن لاءِ نهايت لاڀائتو آهي. هن ڪتاب جو انتساب ليکڪ انهن محققن، دانشورن ۽ نقادن کي ارپيو آهي، جن پنهنجي سموري ڄمار سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ ارپي ڇڏي ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سنڌي ادب جي مڙني صنفن تي الڳ ۽ مجموعي تاريخون لکيون. هن ڪتاب تي ابتدا ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، مهتاب اڪبر راشدي ۽ ناگپال جا تاثرات ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو مهاڳ خود ليکڪ لکيو آهي. ڪتاب ۾ ادب، ادب جي تاريخ، سماجي ڪارج، ادب ۽ تاريخ جي لاڳاپي بيان ڪرڻ کانپوءِ راءِ دور کان وٺي برهمڻ دور، عرب دور، سومرا دور، سما دور، ارغون دور، ترخان دور، مغل دور، ڪلهوڙا دور، ٽالپر دور، انگريز دور کان وٺي موجوده دور تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخي ۽ سماجي پسمنظر، سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل کان وٺي سنڌي نثر ۽ شاعريءَ جي صنفن، هر دور جي شاعرن، ليکڪن، ڪتابن، شاعريءَ جي قسمن، لوڪ شاعري، اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري، روايتي شاعري، جديد شاعري، هر دور جي اهم شاعرن، نثر جي صنفن- ڪهاڻي، ناول، ڊرامي، سفرنامن، تحقيق، تنقيد، لطيفيات، لوڪ ادب وغيره ۽ انهن موضوعن تي لکندڙ اهم شخصييتن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. هي ڪتاب، هن وقت تائين سنڌي ادب جي لکيل تاريخن ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو ۽ سنڌي ادب جي شاگردن جي ذهني اُڃ اجهائڻ ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ڊيمي سائيز جي 976 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ڪاٺياواڙ اسٽورز، اردو بازار، ڪراچيءَ طرفان پبلشر حاجي عبدالغفار ميمڻ، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو